تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سندن گذريل حڪومت جو هدف 24 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هو، هلندڙ سال ان انگ کي ٻيڻو ڪرڻ جو ادارو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي کان بچڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ٻوٽا پوکڻ جي ضرورت آهي، وڻڪاري مهم سموري ملڪ ۾ پکيڙڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي.

وزيراعظم شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو لڳائي بهار جي موسم ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سندن گذريل حڪومت جو هدف 24 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هو، هلندڙ سال ان انگ کي ٻيڻو ڪرڻ جو ادارو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان دنيا جو پنهون سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن جو شڪار ملڪ آهي، موسمياتي تبديلي سان پاڪستان کي اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو.

وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي سبب 10 هزار قيمتي جانيون ضايع ٿيون، وڻڪاري جي هن مهم کي سڄي ملڪ ۾ پکيڙڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي، پاڪستان ۾ ٻيلن لاءِ زمين رڳو 5 سيڪڙو آهي.

شهباز شريف چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏئي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي کان بچڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ٻوٽا پوکڻ جي ضرورت آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون