- Advertisement -
مدرسن جي رجسٽريشن بل بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي، وزيراعظم شهباز شريف، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو ۽ کيس ملاقات جي دعوت ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان کي منجهند 3 وڳي ملاقات لاءِ دعوت ڏني آهي.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندي، جي يو آءِ سربراهه مدرسن جي رجسٽريشن بل بابت پنهنجو موقف پيش ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف جي رابطي بعد جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان مفتي تقي عثماني سان رابطو ڪري ملاقات بابت صلاح مشورو ڪيو آهي- Advertisement -
