تازه ترين

وزيراعظم شهباز شريف پي آءِ اي جي اڏمن جي بحالي ۽  ٻاهريان موڪليل رقم ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪ

وزيراعظم شهباز شريف پي آءِ اي جي اڏمن جي بحالي ۽  ٻاهريان موڪليل رقم ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪ ڏني، سندس چوڻ آهي ته ٻاهريان موڪليل رقم ۾ رڪارڊ اضافي سان ملڪي معيشيت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جو نعرو ناڪام ٿي چڪو آهي، رقم ۾ اضافو سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪري ٿو، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ  ترقي جي رستي هلي چڪو آهي،  حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ  پرعزم آهي.

پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن جي بحالي سان پرڏيهه ۾ آباد پاڪستانين کي سهولت ٿيندي.

هن چيو ته پرڏيهه ۾ آباد پاڪستاني سڌي نموني اڏامن مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

سندس چوڻ هو ته اڏامون بند ٿيڻ سان قومي ايئر لائن کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ۽ ساک متاثر ٿي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي ايئر لائن جي سڃاڻپ بحال ڪئي آهي.

هن چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پي آءِ اي ترقي طرف وڌي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي اسحاق ڊار، بچاءَ واري وزير خواجه آصف ۽ سمورن ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

وزيراعظم شهباز شريف طرفان ٻاهريان موڪليل رقم ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪ ڏني وئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊسمبر 2024ع تائين 3 ڏهائي هڪ بلين ڊالر رقم ٻاهران آئي جيڪا نومبر 2024ع کان 5 ڏهائي 6 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين ٻاهرين رقم ۾ 29 ڏهائي 3 سيڪڙو واڌ ٿي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻاهريان اماڻيل رقم ۾ رڪارڊ اضافو سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪري ٿو.

هن چيو ته ٻاهريان موڪليل رقم ۾ رڪارڊ اضافي سان ملڪي معيشيت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جو نعرو ناڪام ٿي چڪو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ  ترقي جي رستي هلي چڪو آهي،  حڪومت ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ  پرعزم آهي…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون