وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي ڏينهن رب العزت جي آڏو شڪر جو سجدو ڪرڻ، پاڪ فوج جي بي مثال قرباني کي خراج تحسين پيش ڪرڻ ۽ سموري قوم جي حوصلي ۽ وحدت کي ساراهڻ لاءِ ملهايو ويندو.
هن چيو ته بـُنيان المرصوص دشمن جي اڳرائي کي ڀرپور جواب ڏنو ۽ پاڪستان هر محاذ تي ڪاميابي حاصل ڪئي، اسان رب پاڪ جا شڪر گذار آهيون جنهن سرخرو فرمايو.
وزيراعظم چيو ته دشمن جي اڳرائي باوجود پاڪستان صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ مڪمل تياري سان پنهنجي دفاع يقيني بڻايو.
شهباز شريف چيو ته سموري قوم خاص طور تي عالم سڳورا اڄ سڄي ملڪ ۾ اجتماعي دعائن جو اهتمام ڪن، الله تعالى جو شڪر ادا ڪيو ۽ شهيدن ۽ غازين لاءِ خاص دعائون ڪيون.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي قربانين کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي، سموري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي.