وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ گهرائڻ بابت جاچ ڪميٽي جي شروعاتي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اضافي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ واري اسڪينڊل کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ واري اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ انڪوائري ڪميٽي جي شروعاتي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. ذريعن موجب، وزيراعظم ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي ذميوارن جو پتو نه لڳائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف اضافي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي جاچ لاءِ قائم ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ٻي چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي. چار رڪني ڪميٽي جي سربراهي ڪابينا ڊويزن سيڪريٽري ڪامران علي افضل ڪندو جڏهن ته ڪميٽي ميمبرن ۾ شڪيل احمد مڱڻيجو، ايڊيشنل سيڪريٽري امجد محمود ۽ واپار واري وزارت جو ايڊيشنل سيڪريٽري حسن علي منگي شامل آهن. ڪميٽي اضافي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ بابت قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺندي. ذريعن موجب، چار رڪني ڪميٽي ايل سيز کي اوپن ڪرڻ ۽ فيبروري بعد ڪڻڪ گهرائڻ جي ذميوارن جو پتو به لڳائيندي. ڪميٽي کي چئن ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فوڊ سڪيورٽي واري وزارت نئين چار رڪني ڪميٽي کي سيڪريٽريٽ سپورٽ فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي. نئين ڪميٽي جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.4 ° C
18.4 °
18.4 °
53%
0.9m/s
44%
اربع
18 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون