تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو پاران مولانا فضل الرحمان سان ڏک جو اظهار

وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم شهبازشريف جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي، واقعي تي سڄي ملڪ ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر ڇانيل آهي.

وزيراعظم شهباشريف آپگهاتي حملي ۾  شهيد ٿي ويل جي يو آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وارثن سان به ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري کين آخري انجام تي پهچايو ويندو.

ٻئي پاسي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عطاءَ الرحمان، مولانا اسد محمود ۽ زاهد اڪرام دراني سان به جي ويو آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جي وڏو وزير مراد علي شاهه به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي يو آءِ جي ڪارڪنن ۽ همدردن سان ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، سانحو ملڪ ۾ امن جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هڪ ٻي ڪوشش آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون