تازه ترين

وزيراعظم طرفان ملڪي شيون ٻاهر موڪلڻ جو ٽارگيٽ 60 ارب ڊالر مقرر

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ملڪي شيون ٻاهر موڪلڻ جو ٽارگيٽ 60 ارب ڊالر مقرر ڪري ڇڏيو، واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن کي ٽن سالن اندر شيون ٻاهر موڪلڻ  جو ٽارگيٽ 60 ارب ڊالر ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت  ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته  پاڪستان جي ترقي لاءِ سڀني کي محنت ڪرڻي پوندي. شهباز شريف چيو ته واپار واري وزارت ۽ لاڳاپيل ادارا 3 سالن ۾ 60 ارب ڊالرن جون شيون ايڪسپورٽ ڪرڻ  جي هدف لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته گذريل مالي سال ملڪي ايڪسپورٽ 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ هئي، حڪومتي پاليسين جي ڪري آءِ ٽي جي برآمدات 3 ڏهاري 2 ارب ڊالرن کان وڌي وئي جيڪو سٺو سنوڻ  آهي. وزيراعظم هدايتون ڏيندي چيو ته ايڪسپورٽرز جا مسئلا ايندڙ ٻن هفتن ۾ حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، هر مهيني  نيشنل ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ بورڊ جي اجلاس جي صدارت پاڻ ڪندس. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ سڀني کي محنت ڪرڻي پوندي،واپارين ۽ سيڙپڪارن کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي برآمدات وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا، واپار واري وزارت تجويزن کي قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ ايڪسپورٽ شعبي جي نمائندن سان ملاقات ڪندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
15.9 ° C
15.9 °
15.9 °
7 %
1.1kmh
38 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون