تازه ترين

وزيراعظم طرفان پاڪ سعودي لاڳاپن کي نئين بلندين تي پهچائڻ تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي ڀيٽا

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو پنهنجي پياري ڀاءُ شهزاده محمد بن سلمان، ولي عهد ۽ سعودي عرب جي وزيراعظم طرفان رياض جي سرڪاري دوري تي دل کي ڇهندڙ آڌرڀاءُ سان تمام گهڻو ٿيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته رائل سعودي ايئر فورس جي جيٽ جهازن طرفان سندس جهاز کي فراهم ڪيل بي مثال پروٽوڪول ۽ سعودي فوج جي دستي جي گارڊز جو شاندار استقبال پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو اظهار آهي. سندس چوڻ هو ته سعودي ولي عهد سان سندس اهم ترين ڳالهين ۾ علاقائي چئلينجن جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد جي قيادت ۽ ويزن تعريف جوڳو آهي. شهباز شريف چيو ته هو ٻه طرفي محاذ تي مسلسل حمايت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سعودي سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ ولي عهد جي دلچسپي جو قدر ڪن ٿا. هن ڇيو ته سندس دعا آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي وڌندي ۽ عظمت جي نئين بلندين تائين پهچندي انشاءَ الله.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
4.2 ° C
4.2 °
4.2 °
34 %
1.9kmh
0 %
آچر
13 °
سُومر
12 °
اڱارو
12 °
اربع
11 °
خميس
10 °

تازه ترين خبرون