تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران فلسطيني عوام سان ٻڌي جي عالمي ڏهاڙي تي فلسطينين کي ڀيٽا پيش

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران فلسطيني عوام سان ٻڌي جي عالمي ڏهاڙي تي فلسطينين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.

فلسطيني عوام سان ٻڌي جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد، فلسطيني رياست جي قيام جو حامي آهي.

سندس چوڻ هو ته عالمي ضمير فلسطين ۾ لکين ماڻهن جي ڳڻتي جوڳي حالت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهي.

صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ فوري ۽ فيصلا ڪندڙ قدم کڻي، هو آزادي، وقار ۽ انصاف لاءِ فلسيني عوام جي جائز جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آهن.

فلسطيني عوام سان ٻڌي جي عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هي سال فلسطين جي تاريخ جو انتهائي ڪارو سال رهيو آهي، تاريخ جا ڪريل ترين ظلم ڪيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته فلسطيني عوام اسرائيل طرفان حملن، منظم نسل ڪشي ۽ تشدد جي مهم کي بهادري سان برداشت ڪري رهيو آهي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فلسطينين لاءِ اماڻيل امدادي قافلن تي حملا برداشت جوڳا ناهن، عالمي برادري فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي روڪڻ لاءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
29 %
1.5kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون