تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

وزيراعظم پنج سال پورا ناهي ڪري سگهيو، شهباز شريف پنج سال پورا ڪري ته وڏي ڳالهه هوندي:منظور وساڻ

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به وزيراعظم پنج سال پورا ناهي ڪري سگهيو، شهباز شريف پنج سال پورا ڪري ته وڏي ڳالهه هوندي، پي ٽي آءِ باني وڌيڪ وقت جيل ۾ رهندو، کيس سياست هاڻي ڇڏڻ گهرجي. ڪوٽڏيجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ  چيو ته اسلام آباد جي موسم وانگر پي ٽي آءِ باني جا فيصلا تبديل ٿيندا رهندا . هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي محسوس ئي نه ٿيو ته هو جيل ۾ آهي، سندس خيال آهي ته جلسا ڪري جيڪڏهن اهڙو دٻاءُ وجهندو ته کيس رليف ملندو. منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي رليف ڏيڻ وارا به ڏاڍا پڪا آهن، سندس بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندا. هن چيو ته سياستدان به ٻنهي پاسن کان پڪا آهن، پي ٽي آءِ باني هاڻي ڦاسي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي سياست مري چڪي آهي، کيس هاڻ سياست کان پري رهڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير، پي ٽي آءِ باني ۽ سندس پارٽي کي وڏو نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي پنج سال حڪومت نه ڪري سگهيو هو، ملڪ جو ڪو به وزير اعظم پنج سال پورا ناهي ڪري سگهيو، شهباز شريف پنج سال پورا ڪري ته وڏي ڳالهه هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون