تازه ترين

وزيراعظم پنج سال پورا ناهي ڪري سگهيو، شهباز شريف پنج سال پورا ڪري ته وڏي ڳالهه هوندي:منظور وساڻ

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته ملڪ جو ڪو به وزيراعظم پنج سال پورا ناهي ڪري سگهيو، شهباز شريف پنج سال پورا ڪري ته وڏي ڳالهه هوندي، پي ٽي آءِ باني وڌيڪ وقت جيل ۾ رهندو، کيس سياست هاڻي ڇڏڻ گهرجي. ڪوٽڏيجي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ  چيو ته اسلام آباد جي موسم وانگر پي ٽي آءِ باني جا فيصلا تبديل ٿيندا رهندا . هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي محسوس ئي نه ٿيو ته هو جيل ۾ آهي، سندس خيال آهي ته جلسا ڪري جيڪڏهن اهڙو دٻاءُ وجهندو ته کيس رليف ملندو. منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي رليف ڏيڻ وارا به ڏاڍا پڪا آهن، سندس بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندا. هن چيو ته سياستدان به ٻنهي پاسن کان پڪا آهن، پي ٽي آءِ باني هاڻي ڦاسي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي سياست مري چڪي آهي، کيس هاڻ سياست کان پري رهڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير، پي ٽي آءِ باني ۽ سندس پارٽي کي وڏو نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي پنج سال حڪومت نه ڪري سگهيو هو، ملڪ جو ڪو به وزير اعظم پنج سال پورا ناهي ڪري سگهيو، شهباز شريف پنج سال پورا ڪري ته وڏي ڳالهه هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون