تازه ترين

وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا 66 پئسا في لٽر گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا 66 پئسا في لٽر گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 66 پئسا في لٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي، پيٽرول جي نئين قيمت 263 رپيا 2 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 39 پئسا في لٽر گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي، ڊيزل جي نئين قيمت 275 رپيا 41 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت 3 رپيا 26 پئسا في لٽر گهٽتائي کانپوءِ 181 رپيا 71 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هلڪو ڊيزل آئل جي قيمت 2.74 رپيا في ليٽر گهٽتائي کانپوءِ 162.76 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
33 %
2.7kmh
1 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون