وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ۾ ملاقات سڀاڻي ٿيندي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ، جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان رمدي ۽ شاهد خاقان عباسي جا نالا شارٽ لسٽ ٿي ويا آهن، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ ملاقات سڀاڻي ٿيندي.

نگران وزيراعظم لاءِ حڪومت ٽن نالي تي صلاح مشورا ڪيا آهن، جن ۾ حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي ۽ جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان رمدي شامل آهن.

ٽنهي نالن تي وزيراعظم شهبازشريف، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽  مولانا فضل الرحمان وچ ۾ صلاح مشورا مڪمل ٿي ويا.

وزيراعظم اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن کي به نگران سيٽ اپ تي قطعي صلاح  مشوري لاءِ گهرائي ورتو آهي، جنهن بعد  وزيراعظم جي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض سان ملاقات ٿيندي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ به ٽي نالا فائنل ڪيا آهن، وزيراعظم سان ملاقات بعد نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو ته وزيراعظم سان نگران وزيراعظم جي مقرريءَ تي سڀاڻي صلاح مشورا ٿيندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
20%
3m/s
2%
سُومر
22 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
24 °

تازه ترين خبرون