تازه ترين

وطن لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ مسيحي سپاهيءَ هارون وليم جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون

- Advertisement -
وطن لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ مسيحي سپاهيءَ هارون وليم جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، تقريب ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسلام آباد جي رهواسي 29 ورهين جي سپاهي هارون وليم جون آخري رسمون سينٽ پال چرچ راولپنڊي ۾ ادا ڪيون ويون. هارون وليم ڪرم ضلعي ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت آپريشن ۾ ڊيوٽي دوران شهادت ماڻي هئي. شهيد سپاهيءَ جي آخري رسمن ۾ وزيراعظم شهبازشريف، بچاءَ واري وزير خواجه آصف، گهرو وزير محسن نقوي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ٻين اعليٰ فوجي توڙي سول آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي ترقي ۾ مسيحي برادريءَ جي خدمتن ۽ قربانين جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ مڪمل يونٽ آهي، جنهن ۾ مختلف متڪبه فڪر جا ماڻهو شامل آهن. آرمي چيف، سپاهي هارون وليم، سپاهي انوش رفون ۽ سندن ساٿين جي قربانيءَ جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته جوانن جو اتحاد ۽ بهادري قوم جي طاقت جو مثال آهي. ان کانسواءِ ڪرم ضلعي ۾ شهادت ماڻيندڙ حوالدار عقيل احمد کي اوڪاڙا، لانس محمد سفير کي پونڇ، سپاهي انوش رفون کي اٽڪ ۽  سپاهي محمد اعظم خان کي هري پور ۾ اباڻن علائقن ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.9 ° C
32.9 °
32.9 °
8 %
3kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
36 °
خميس
35 °

تازه ترين خبرون