تازه ترين

وفاقي آئيني عدالت جو اڄ کان باضابطه ڪم شروع، آئيني عدالت جو چيف جسٽس امين الدين خان اڄ کان ڪيس ٻڌندو

- Advertisement -
ملڪ ۾ وفاقي آئيني عدالت جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پهرين ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. جاري ٿيل ڪاز لسٽ موجب هلندڙ هفتي وفاقي آئيني عدالت ۾ 3 بينچز ڪيسن جي جي ٻڌڻي ڪندا. چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت امين الدين خان اڄ کان ڪيس ٻڌندو جڏهن ته جسٽس حسن اظهر به اڄ کان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو. ان کان علاوه جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل 2 رڪني بينچ به اڄ کان ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو. ياد رهي ته وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان جمعي 14 نومبر تي پنهنجو وڏو فيصلو ڪندي وفاقي آئيني عدالت جو رجسٽرار مقرر ڪيو هو. اڳوڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد حفيظ کي رجسٽرار آئيني عدالت جڏهن ته مظهر ڀٽي کي سيڪريٽري ٽو چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت مقرر ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون