- Advertisement -
وفاقي حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي ڪيرائي ڇڏي، نيپرا بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 56 پيسا في يونٽ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نيپرا پاران جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي اگهه ۾ واڌ ڊسمبر مهيني ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
بجلي جي اگهن ۾ واڌ بعد عوام مٿان 39 ارب 80 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پوندو.
نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن صارفين تي اضافي چارج لاڳو نه ٿيندو.
نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي واهپيدارن کي فيبروري ۾ واڌو ادائگيون ڪرڻيون پونديون……..- Advertisement -
