- Advertisement -
وفاقي حڪومت نيب جي توشا خانا جي نئين ريفرنس ۾ تحريڪ انصاف باني ۽ بشريٰ بي بي جي جيل ٽرائل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
قانون ۽ انصاف واري وزارت تحريڪ انصاف باني ۽ بشريٰ بي بي جي جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن نيب آرڊيننس 1999 جي سيڪشن 16 بي تحت جاري ڪيو ويو.
نوٽيفڪيشن موجب، توشاخانه جي نئين ريفرنس ۾ سڪيورٽي سببن جي ڪري تحريڪ انصاف باني ۽ بشريٰ بي بي جو ٽرائل جيل ۾ ئي ٿيندو، جيل ٽرائل نوٽيفڪيشن بابت ٻنهي جي وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
