وفاقي حڪومت وڏو فيصلو ڪندي ڀاڻ فيڪٽرين لاءِ گئس تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان ڀاڻ جي فيڪٽرين کي ملندڙ سبسڊي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ جي فيڪٽرين کي هن وقت 217 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو سبسڊي ملي رهي آهي.
ذريعن موجب، ڀاڻ جي فيڪٽرين کي هن وقت هڪ هزار 597 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي حساب سان گئس فراهم ڪئي پئي وڃي.
حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ جي فيڪٽرين کي سبسڊي ڏيڻ سان هارين کي ڪو به فائدو نه ملي رهيو آهي، فيصلي تي عمل کانپوءِ فيڪٽرين کي هڪ هزار 814 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي حساب سان گئس فراهم ڪئي ويندي.
ذريعن موجب، حڪومت هارين کي سڌي ريت سبسڊي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي…….