تازه ترين

وفاقي حڪومت وڏو فيصلو ڪندي ڀاڻ فيڪٽرين لاءِ گئس تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
وفاقي حڪومت وڏو فيصلو ڪندي ڀاڻ فيڪٽرين لاءِ گئس تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان ڀاڻ جي فيڪٽرين کي ملندڙ سبسڊي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ جي فيڪٽرين کي هن وقت 217 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو سبسڊي ملي رهي آهي. ذريعن موجب، ڀاڻ جي فيڪٽرين کي هن وقت هڪ هزار 597 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي حساب سان گئس فراهم ڪئي پئي وڃي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀاڻ جي فيڪٽرين کي سبسڊي ڏيڻ سان هارين کي ڪو به فائدو نه ملي رهيو آهي، فيصلي تي عمل کانپوءِ فيڪٽرين کي هڪ هزار 814 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي حساب سان گئس فراهم ڪئي ويندي. ذريعن موجب، حڪومت هارين کي سڌي ريت سبسڊي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
17 %
1.3kmh
0 %
ڇنڇر
26 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون