وفاقي حڪومت ڪراچي شهر جي ٽن وڏين اسپتالن جا 25سالن لاءِ انتظام سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيا آهن .
وفاقي حڪومت طرفان جناح اسپتال، ڪارڊيو ۽ اين آءِ سي اي ايڇ جا انتظام سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
ٽنهي اسپتالن جا انتظام 25سالن لاءِ سنڌ سرڪار حوالي ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سکر ۾ ٽنهي اسپتالن جا انتظام سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون هيون.