تازه ترين

وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ڇهه نڪاتي ايجنڊا جاري

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن لاءِ ڇهه نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شام ڇهين وڳي ٿيندو. ڪابينا اجلاس جي 6 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. ڪابينا اجلاس ۾ پروگريسو سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز جي اداري “ پير روشن انسٽيٽيوٽ” جي پهرين ريڪٽر جي مقرر ۽ ڊوميسٽڪ گورنمينٽ سيڪيورٽيز جاري ڪرڻ لاءِ جٽادار سيڙپڪاري سڪوڪ فريم ورڪ جي منظوري جو امڪان آهي. اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ 2016 تحت صوبائي ۽ سيڪٽرل جي منظوري ڏني ويندي. نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ بل جي منظوري جو امڪان آهي. ڪابينا اجلاس ۾ بحريه يونيورسٽي ڪاليج آف ميڊيسن اسلام آباد کي پي ايم ڊي سي ايڪٽ تحت منظور ڪيو ويندو. اسپتالن ۽ ادارن ۾ استعمال لاءِ ڪجهه غير رجسٽرڊ دوائون گهرائڻ جي ڇوٽ ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون