تازه ترين

وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس کاتو ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري  ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس کاتو ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري  ڏئي ڇڏي.

وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو.

جاري ڪيل پڌرنامي موجب ڪابينا هائوسنگ اينڊ ورڪس جي سفارش تي پاڪستان پبلڪ ورڪس کاتو ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي جي منظوري ڏني.

منظور ٿيل حڪمت عملي موجب وفاقي ترقياتي منصوبن جي نگرانيءَ لاءِ پاڪستان انفرااسٽرڪچر ڊولپمنيٽ ڪمپني ٺاهي ويندي، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي نگرانيءَ هيٺ صوبائي نوعيت جي  سمورن  ترقياتي منصوبن کي لاڳاپيل صوبائي ادارن حوالي ڪيو ويندو.

وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ قانون طور رهندڙ هڪ ڏهائي 45 ملين مهاجرن جي پروف آف رجسٽريشن ڪارڊن جو مدو 30 جون 2025 تائين واڌ جي منظوري ڏني.

ڪابينا صحت واري وزارت جي سفارش تي جوائنٽ سيڪريٽري محمد اقبال کي نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي جو منظم مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.

وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جي 27 جون 2024ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني.

ڪابينا سرڪاري ملڪيتي ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 4 جولاءِ 2024ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون