تازه ترين

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران سڄي ملڪ ۾ اووربلنگ تي زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ اووربلنگ تي زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ۽  بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وفاقي وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ اووربلنگ ۾ ملوث عملي خلاف به بنا فرق جي ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اووربلنگ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته اووربلنگ غريب عوام تي ظلم جي برابر آهي، ان تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو،  اووربلنگ ۾ ملوث عملو ڪنهن به رعايت جو حقدار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته بجلي چوري جي واقعن تي ضابطو آڻڻ لاءِ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي حساس علائقن ۾ ايف آءِ اي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. گهرو وزير محسن نقوي سڄي ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ايف آءِ اي آفيسرن کي اوور بلنگ ۽ بجلي چورن خلاف 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون