وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه تي پهچي ساڻس ملاقات ڪئي، چوڌري شجاعت حسين طرفان ڪوئٽا ريلوي اسٽيشن ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
محسن نقوي ۽ شجاعت حسين طرفان شهيدن جي خاندان سان دلي همديدي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ويو.
چوڌري شجاعت حسين طرفان واقي حڪومت کان تعمير ٿيندڙ نئين روڊن کي شهيدن جي نالن سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نون روڊن جا نالا شهيدن سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
محسن نقوي چيو ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان ان تي عمل درآمد لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون.
چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ هو ته اهڙو ڪم شهيدن جي وطن ۽ سندس خاندانن سان حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار جي حوالي سان هميشه ياد رکيا ويندا.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو سڄي دنيا ۾ مثال نٿو ملي.
شجاعت حسين چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستاني شهيد ٿيا، اهي انمٽ قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن.
محسن نقوي چيو ته پاڪستان شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي.