- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سرحد پار کان دهشتگردي ٿي رهي آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير واضح پيغام ڏنو آهي ته دهشتگردن سان ڪي بي ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي، حڪومت کان ناراض ٿيڻ جو مقصد ناهي ته مڪمل مهم هلائي وڃي.
وفاقي گهرو وزير، ڪيڊٽ ڪاليج وانا جو دورو ڪيو.
آءِ جي فرنٽيئر ڪور خيبرپختونخوا ڏکڻ ميجر جنرل مهر عمر خان، محسن نقوي جي آجيان ڪئي.
وفاقي گهرو وزير خارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ، سمورن شاگردن ۽ استادن کي ريسڪيو ڪندڙ پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي.
محسن نقوي ڪيڊٽ ڪاليج وانا جي شاگردن ۽ استادن سان به ملاقات ڪئي آهي.
وفاقي گهرو وزير پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي جرئت ۽ پيشواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.
محسن نقوي کي خارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ، استادن ۽ شاگردن کي ريسڪيو ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي.
وفاقي گهرو وزير پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، استادن ۽ شاگردن کي بلند حوصلي ۽ جذبي کي ساراهيو.
محسن نقوي جو چوڻ آهي ته هي اصل ۾ دهشتگرد به نه وحشي آهن جن جو انسانيت سان ڪو تعلق ناهي، ڪوبه مذهب ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي اجازت ناهي ڏيندو ۽ وحشين جو ڪوبه مذهب نه آهي.
هن چيو ته وحشين کي انسان چوڻ انسانيت جي توهين آهي، پاڪ فوج ۽ ايف سي سمورن شاگردن ۽ استادن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري بهادري ۽ پروفيشنل ازم جو اعليٰ مثال قائم ڪيو.
وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج وانا کي بهترين انداز ۾ تيار ڪيو ويندو، دشمن آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جهڙي ڪارروائي ڪرڻ چاهي پيو.
محسن نقوي چيو ته سندن دلير جوانن حملو ناڪام بڻايو ۽ خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري سازش ناڪام بڻائي، استادن ۽ شاگردن کي ريسڪيو ڪندڙ پاڪ فوج ۽ ايف سي جا آفيسر توڙي جوان قوم جا هيرو آهن.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ امن تباهه ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي، سرحد پار کان دهشتگردي ٿي رهي آهي، اسلام آباد ۾ عدالت ٻاهران حملي ۾ به افغان دهشتگرد ملوث آهن.
وفاقي گهرو وزير چيو ته سندن مقامي شهري حملن ۽ ڌماڪن ۾ ملوث ناهن، ناراضگي ٿي سگهي ٿي پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ملڪ خلاف هٿيار کنيا وڃن يا تحريڪ هلائي وڃي.
محسن نقوي چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير واضح پيغام ڏنو ته دهشتگردي جي معاملي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.
- Advertisement -
