تازه ترين

وفاقي ۽ نگران صوبائي حڪومتون چونڊن ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش نه ڪن: اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته وفاقي ۽ نگران صوبائي حڪومتون چونڊن ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش نه ڪن.

اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم ۽ نگران وڏن وزيرن کي چونڊن بابت خط لکيو آهي، جنهن ۾ هر سياسي پارٽيءَ ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ جي هدايت ڪئي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽريءَ نگران وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن کي خط لکيو، جنهن ۾ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون.

خط ۾ چيو ويو ته قومي اسيمبلي، سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبليون ٽٽي چڪيون آهن، جنهن بعد صاف ۽ شفاف چونڊون اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي، ان بابت اليڪشن ڪميشن آئين قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن خط ۾نگران حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اليڪشن لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪيو وڃي ۽ هر سياسي پارٽيءَ کي برابريءَ جي بنياد تي موقعو ڏنو وڃي.

خط ۾ چيو ويو ته نگران حڪومتون وقت سر چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد يقيني بڻائڻ ۽ چونڊن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

سيڪريٽريءَ خط ۾ هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي اجازت کانسواءِ مقرريون ۽ بدليون نه ڪيون وڃن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ هر قسم جي ڀرتي تي پابندي تي عمل ڪيو وڃي.

خط ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي هر قسم جي ترقياتي اسڪيمن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ادارن ۾ ڀرتي ٿيندڙ سياسي شخصيتن جي نوڪري ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻن وڏن وزيرن، ڪابينا ميمبرن، صلاحڪارن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي سرڪاري رهائشگاهون فوري طور خالي ڪرڻ ۽ سرڪاري گاڏيون واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون قانون موجب روزانو جي بنياد تي معاملا هلائڻ.

خط ۾ واضح ڪيو ويو ته نگران حڪومتون اڳ کان جاري عالمي ۽ ٻه طرفن معاهدن تي عمل ڪرائي سهگن ٿيون.

اليڪشن ڪميشن نگران وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن توڙي ڪابينا ميمبرن کان اثاثن تفصيل ٽن ڏينهن ۾ طلب ڪري ورتا آهن

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون