ون فائيو مددگار پوليس ملير ۾ ڪارروائي ڪندي مغوي ٻارڙيَ کي بازياب ڪرائي وئي
الفلاح پوليس اسٽيشن جي حدن ون فائيو مددگار پوليس کي هڪ فليٽ ۾ اڻڄاتل ٻار جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي فليٽ جو تالو ٽوڙي ٻارڙيَ کي بازياب ڪرائي ورتو.
شروعاتي ڄاڻ موجب ٻار کي خميس ڏينهن نيو ٽائون واري علائقي مان اڻڄاتل ماڻهن اغوا ڪيو هو، ٻار جو آواز ٻڌي پاڙيوارن ون فائيو تي اطلاع ڏنو هو.
جهڙتي دوران فليٽ ڪو به شخص موجود نه هو، بازيابيءَ وقت ٻارڙو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ هو. مغوي ٻار کي سندس والد حوالي ڪيو ويو، جنهن تي هن پوليس جا ٿورا مڃيا.