تازه ترين

وياج جي شرح ۾ مرحليوار گهٽتائي ٿيندي: اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته وياج جي شرح ۾ مرحليوار گهٽتائي ٿيندي، هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي جي شرح پنج کان ست سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي،  ڊالر جي دستيابي ڪو مسئلو ناهي، امپورٽ لاءِ ڊالر سولائي سان ملي سگهي ٿو، شيون ٻاهر موڪلڻ جو سلسلو وڌي رهيو آهي، وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس آهي، مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري طبقي سان رابطي ۾ رهڻو پوندو، ايڪسٽرنل اڪائونٽس تي ضابطو آندو ويو ته ملڪ ۾ ترقي ٿيندي.

ڪراچيءَ ۾ ايف پي سي سي آءِ جي تقريب کي خطاب ڪندي جميل احمد چيو ته بزنس ڪميونٽي سان ملاقات بهتر رهي، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، بزنس ڪميونٽي سان رابطو ضروري آهي.

سندس چوڻ هو ته انڊسٽري سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي، هنن پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي بابت مسئلن کي انتظامي بنيادن تي حل ڪيو.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته ٻاهران ماڻهو وڌيڪ پيسا اماڻن ٿا، وياج جي شرح ۾ مرحليوار گهٽتائي ٿيندي، هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي جي شرح پنج کان ست سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.

هن چيو ته ڊالر جي دستيابي ڪو مسئلو ناهي، امپورٽ لاءِ ڊالر سولائي سان ملي سگهي ٿو، شيون ٻاهر موڪلڻ جو سلسلو وڌي رهيو آهي، وڌيڪ اضافو ڪرڻو پوندو.

اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس آهي، مسئلن جي حل لاءِ ڪاروباري طبقي سان رابطي ۾ رهڻو پوندو، ايڪسٽرنل اڪائونٽس تي ضابطو آندو ويو ته ملڪ ۾ ترقي ٿيندي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.2 ° C
9.2 °
9.2 °
20 %
3.3kmh
2 %
ڇنڇر
8 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون