وچ اوڀر ۾ نئون تڪرار روڪڻ لاءِ امريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون اڄ عمان ۾ شروع ٿينديون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو محور نيوڪليئر ڊيل هوندو.
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ امريڪي ايلچي اسٽيووٽڪوف سڌيءَ ريت ڳالهيون ڪندا.
امريڪي صدر ٽرمپ جو وچ اوڀر بابت ايلچي اسٽيووٽڪوف روس جي صدر سان ملاقات کانپوءِ ايراني عملدارن سان ڳالهين لاءِ عمان پهچي ويو آهي.
اسٽيووٽڪوف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران جي معاملي تي صدر پيوٽن کان به مدد وٺي سگھجي ٿي.
ٻئي پاسي وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليويٽ چيو آهي ته امريڪا-ايران ڳالهيون سڌيءَ ريت ٿينديون.
واضع رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي ايٽمي پروگرام محدود ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جي مهلت ڏني هئي.