تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي: محمد اورنگزيب

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پگهاردار طبقي تي ٽيڪسن ۾ اعتراض کي رد ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ڪنهن کي اعتراض نه هئڻ گهرجي، ملڪ ٽيڪس تي هلندا آهن، کين ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو آهي، پگهاردار طبقي کي ٽيڪس هڻڻ کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهجي.

اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو، 10 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي ريشو برداشت جوڳو ناهي، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 13 سيڪڙو تائين آڻڻو پوندو، جنهن لاءِ مختلف ادارن کي بهتر بڻائڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته غير دستاويزي معيشيت کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، اها ڳالهه درست آهي ته ٽيڪسن جي ڪمپلائنس ۽ انفورسمينٽ ناهي ٿي، اينڊ ٽو اينڊ ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته معيشيت کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سندن ترجيح آهي، ڊيجيٽلائيزيشن سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي ۽ شفافيت وڌندي.

هن چيو ته نان فائلرز جي اها جدت ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ممڪن ناهي، نان فائلرز لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، نان فائلرز لاءِ بزنس ٽيڪس ٽرانزيڪشن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد کين ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن تي ٽيڪس لاڳو ٿيندي، ڪنهن کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي، پگهاردار طبقي تي وڌ ۾ وڌ ٽيڪس 35 سيڪڙو آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي لاڳو ڪرڻ ۾ شايد مسئلو هجي، ٽيڪس ليڪج کي گهٽائڻ لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم آندو ويو، جنهن جو مقصد تمباڪو ۽ سيمينٽ سميت هر شعبي ۾ ٽيڪس چوري کي روڪڻ هو.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سندن وٽ ڊيٽا موجود آهي ته ڪنهن وٽ ڪيترين گاڏيون آهن ۽ ڪير ڪيترو بل ڏيندو آهي، شهرين جي لائف اسٽائل جو سمورو ڊيٽا وٽن موجود آهي، لائف اسٽائل ڊيٽا جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽيم ٺاهيندا، جيڪا جاچ ڪندي، جنهن بعد فيلڊ ٽيم کي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويندو.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جنهن جنهن سيڪٽر مان نڪري وڃي اوترو ئي بهتر آهي، حڪومت کي خانگي سيڪٽر کي اڳتي آڻڻ لاءِ ماحول فراهم ڪرڻو پوندو.

ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پريس ڪانفرنس دوران چيو ته کين عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي، شهباز شريف 100 سيڪڙو رليف ڏيڻ چاهي ٿو پر سندن معيشيت جون به ڪجهه حقيقتون آهن.

سندس چوڻ هو ته کين احساس آهي ته شهباز شريف جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي،  اهو ضرور ڏکيو ۽ مشڪل آهي پر حڪومت کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي.

ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته پگهاردار طبقي لاءِ 50 هزار رپين تائين ٽيڪس ڇوٽ رکي وئي آهي، هڪ لک رپيا پگهار وٺندڙ ماڻهو مڊل ڪلاس سان تعلق رکي ٿو، انڪري مڊل ڪلاس تي ايترو بار نه وڌو آهي، هڪ لک رپيا پگهاردار تي سڀ کان گھٽ ٻوجهه وڌو ويو آهي.

علي پرويز ملڪ چيو ته پگهاردار طبقي ۾ امير طبقو وڌيڪ ٽيڪسن سبب ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو آهي، نان فائلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ لاءِ وقت ڏنو ويو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن کانپوءِ نان فائلرز کان به ٽيڪس وصول ڪئي ويندي ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون