تازه ترين

وڏن فيصلو ڪيو آهي ته اليڪشن ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندي: راجا رياض

اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو آهي ته وڏن فيصلو ڪيو آهي ته اليڪشن ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندي، سياسي پارٽين جي اڳواڻن گڏجي فيبروري ۾ چونڊن جو فيصلو ڪيو آهي، 15 فيبروري کان ڪجهه ڏينهن اڳ يا بعد ۾ اليڪشن ٿيندي، پهريان چيو پئي ويو ته چونڊن کي دير جو شڪار ڪيو وڃي پر 15 ڏينهن اڳ فيبروري ۾ اليڪشن جو فيصلو ڪيو ويو، عام چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿينديون.

راجا رياض پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته سياسي پارٽين جي اڳواڻن گڏجي فيبروري ۾ چونڊن جو فيصلو ڪيو آهي، 15 فيبروري کان ڪجهه ڏينهن اڳ يا بعد ۾ اليڪشن ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته پهريان چيو پئي ويو ته چونڊن کي دير جو شڪار ڪيو وڃي پر 15 ڏينهن اڳ فيبروري ۾ اليڪشن جو فيصلو ڪيو ويو.

اڳوڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض چيو ته عام چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿينديون، ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿين ها ته نواز شريف هن وقت تائين اچي چڪو هي ها، پين پنو کڻي سندس ڳالهه لکي وٺو ته 17 فيبروري کان هڪ هفتو اڳ يا 15 فيبروري کان هڪ هفتو بعد اليڪشن ٿي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون