- Advertisement -
پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آهي ته صنفي تشدد سڄي دنيا ۾ عورتن جي سالميت ۽ وقار لاءِ وڏو خطرو آهي، عورتن تي تشدد بهادري نه پر بزدلي جي نشاني آهي.
عورتن تي تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ شازيه مري چيو ته پ پ عورتن تي هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، عورتن تي تشدد هڪ عالمي وبا آهي، جنهن کان پاڪستان به محفوظ ناهي.
هن چيو ته 1973ع جي آئين موجب زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عورتن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ ضروري قرار ڏنو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ جي حڪومت ۾ عورتن تي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ خلاف قانون سازي ڪئي وئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريب عورتن کي معاشي طور خودمختيار بڻايو ويو.
شازيه مري جو چوڻ هو ته اسان صنفي بنيادن تي تشدد خلاف جنگ ۽ سڀني عورتن لاءِ محفوظ، برابري ۽ منصفاڻو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا.- Advertisement -
