- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان يونائيٽيڊ نيشن ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ملاقات ڪئي جنهن دوران سڄي سنڌ ۾ خوراڪ جا گودام قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته خوراڪ جي کوٽ ۽ ننڍي قد جي ٻارڙن جا مسئلا حل ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ٻارڙن جي پيدائش کان ويندي ٻن سالن تائين کيس ضروري خوارڪ ڏيڻ کي يقيني بڻائيندا، ٻار جي ماءُ جي صحت جو به مناسب انتظام ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان يونائيٽيڊ نيشن ورلڊ فوڊ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشياما ملاقات ڪئي.
وڏي وزير سان گڏ پي اينڊ ڊي چيئرمين نجم شاهه ۽ سيڪريٽري رحيم شيخ به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
ملاقات ۾ صوبي ۾ فوڊ سڪيورٽي جي ضروري قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
اجلاس دوران سڄي سنڌ ۾ خوراڪ جا گودام قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته خوراڪ جي کوٽ ۽ ننڍي قد جي ٻارڙن جا مسئلا حل ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻارڙن جي پيدائش کان ويندي ٻن سالن تائين کيس ضروري خوارڪ ڏيڻ کي يقيني بڻائيندا.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻار جي ماءُ جي صحت جو به مناسب انتظام ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار جو سوشل پروٽيڪشل پروگرام 15 ضلعن ۾ شروع ڪيو آهي، 3ملين خاندانن سان سهڪار ڪيو پيو وڃي.
يو اين ڊبليو ايف پي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي انتظام ڪرڻا پوندا، سنڌ سرڪار ڪنهن به قدرتي آفت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو بندوبست رکي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ سرڪار پي ڊي ايم اي ذريعي ڪافي انتظام ڪيا آهن، هر ٻئي سال وڌيڪ برساتن يا ٻوڏ جي حساب سان لاڳاپيل کاتن کي تيار رکيو آهي، اجلاس ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت بابت به ڳالهيون ڪيون، 2 لک گهر تعمير ٿي چڪا آهن، خانگي شعبو به گهرن جي اڏاوت ۾ اڳتي اچي رهيو آهي.
يو اين ڊبليو ايف پي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته سنڌ سرڪار ايندڙ پنجن سالن جو فوڊ سڪيورٽي پلان ٺاهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سوشل پروٽيڪشن پروگرام تحت ڳورهاري عورتن، ماءُ ۽ ٻار جو به اسپتال ذريعي چيڪ اپ ۽ سپلمينٽس فراهم ڪري رهيا آهن.- Advertisement -
