تازه ترين

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط  لکي سنڌ ۾ روڊن جي اڏاوت لاءِ گهٽ رقم رکڻ تي سخت احتجاج ڪيو

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف کي خط  لکي سنڌ ۾ روڊن جي اڏاوت لاءِ گهٽ رقم رکڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي. سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي خط لکيو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ سنڌ سان ناانصافيءَ جي حد ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پنجاب لاءِ 708 ارب رپين جا منصوبا تجويز ڪيا ويا ۽ 62 ارب رپيا رکيا ويا، جڏهن ته سنڌ لاءِ 78 منصوبا تجويز ۽ 7 ارب رپيا رکيا ويا. وڏي وزير خط ۾ چيو ته ن ليگ اتحادي حڪومت هوندي سنڌ سان ناانصافين جي حد ڪري ڇڏي آهي. سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ روڊ جي اڏاوت لاءِ 4 سيڪڙو رقم رکڻ تي وزيراعظم آڏو احتجاج ڪيو. خط ۾ وڏي وزير چيو ته مارچ 2024 ۾ وزيراعظم کي خط لکي چيو ته حيدرآباد کان سکر ايم سڪس موٽر وي تعمير ڪيو وڃي، ملڪي ترقيءَ لاءِ اهو روڊ اه مآهي. هن چيو ته اهو واحد رستو غائب آهي جيڪو ڏکڻ کي  اتر سان ملائي ٿو، اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ سنڌ لاءِ 5 سيڪڙو کان به هگٽ رقم رکي آهي، اين ايڇ ايَ سالياني ترقياتي پروگرام ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪئي آهي. خط ۾ وڏي وزير چيو ته  گذارش آهي ته حيدرآباد سکر موٽر وي لاءِ بنا دير بجيٽ  رکي وڃي ۽ اين ايڇ ايَ کي روڊ جو  ڪم شروع لاءِ چيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون