تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه برسات جي پاڻيءَ جي نيڪالي يقيني بڻائڻ، منڇر ۽ حمل ڍنڍ جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه برسات جي پاڻيءَ جي نيڪالي يقيني بڻائڻ، منڇر ۽ حمل ڍنڍ جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته جن شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري گهرجي اتي فوري طوري اماڻي وڃي، جيئن ئي منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي وڌي ٿو ته فوري طور سنڌو درياهه ۾ نيڪال ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ برساتن سبب پيدا ٿيل صورتحال بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. چيف ميٽرولاجسٽ سرفراز چيو ته جاري برسات جو اسپيل رات ٽٽي ويندو، هڪ هفتي بعد 13 ۽ 14 آگسٽ تي ٻيهر برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته اڄ گڊو بئراج جي صورتحال هيٺين درجي جي ٻوڏ کان ڪافي گهٽ آهي، بلوچستان مان برساتي پاڻي اڃا سنڌ ۾ داخل ناهي ٿيو، حمل ڍنڍ عام سطح تي آهي ۽ منڇر ڍنڍ ۾ رڳو 4 سيڪڙو پاڻي جو اضافو ٿيو آهي. آبپاشي سيڪريٽري ظريف کيڙو چيو ته دادو مورو تي 120 ڪيوسڪ پاڻي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه، آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته منڇر ۽ حمل ڍنڊ جي نگراني ڪئي وڃي، جيئن ئي منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي وڌي ٿو ته فوري طور سنڌو درياهه ۾ نيڪال ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڀان سيد آباد ۾ پاڻي بيٺل آهي اتان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، جوهي ۾ پاڻي آهي ميڊيا رپورٽ ٿي رهي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪندي چيو ته جن شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري گهرجي اتي فوري طوري اماڻي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ڪمشنرن کان برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت معلومات ورتي. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ڊويزن ۾ ملير ۾ هڪ، ڪورنگي ۾ ٽن، سينٽرل ضلعي ۾ ستن، اوڀر ۾ پنجن، ڏکڻ ۾ 9 ۽ ڪياماڙي ۾ ٻن هنڌن تان پاڻي نيڪال ڪرڻو آهي. پي ڊي ايم اي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته ڊي واٽرنگ مشينون فراهم ڪيون ويون آهن. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ٽاور، گورنر هائوس، نرسري، اسٽار گيٽ، جناح ٽرمينل، ڪي ڊي اي چورنگي، ڪي ايم سي هيڊ ڪوارٽر ۽ لياقت آباد ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جي مشينن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ 207 هيٺاهين وارا علائقا آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڏکڻ ضلعي ۾ 56، اولهه ۾ 17، سينٽرل ۾ 22، ملير ۾ 32، ڪورنگي ۾ 16، ڪياماڙي ۾ 26 ۽ اوڀر ۾ 38 هيٺاهين وارا علائقا آهن. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته هن حيدرآباد جو دورو ڪيو آهي، برساتن جي صورت ۾ مڪاني ادارا متحرڪ رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
22 %
2.3kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون