تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز پارٽي وزيراعظم کي اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
پيپلز پارٽي وزيراعظم کي اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو،  نيئر بخاري جو چوڻ آهي ته حڪومت کي خطرو آهي ته وزيراعظم اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائي سگهي ٿو، هو پارليامينٽ ۾ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر ڪارڪردگي ته ڏيکاري وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيئر بخاري چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن، صدر آصف علي زرداري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر ڪير ويهڻ لاءِ تيار ته ٿي. هن چيو ته حڪومت کي ڪو خطرو آهي ته ساڻن ڳالهيون شيئر ڇو نه ڪيون ويون آهن،  خطرو آهي ته وزيراعظم ايڊوائس ڪري، اسيمبلي ٽوڙي نئين چونڊ ڪرائي وڃي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي کي آئين جي بالادستي تي يقين آهي، حل به آئين تحت ئي نڪرندو،  جيڪڏهن نظام پٽڙي تان لٿو ته نقصان ملڪ جو ٿيندو. نيئر بخاري چيو ته جيڪڏهن پ پ مسلم ليگ ن جو ساٿ نه ڏي ها ته اڄ پارليامينٽ ۽ چيف ايگزيڪٽو جي آفيس هلي سگهي ها. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اعتبار جوڳو ناهي، ڳالهيون ڪري ڦرڻ وارو آهي، هڪ ڏينهن چوي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ تيار آهن ٻئي ڏينهن وري ٻئي ڳالهه ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هوته هڪ ڏينهن چوي ٿو ته محمود خان اچڪزئي کي ڳالهين جو اختيار ڏنو آهي ٻئي ڏهاڙي چوي ٿو ته نه ڏنو آهي، ڳالهيون اعتبار واري شخص سان ئي ٿينديون آهن. نيئر بخاري چيو ته عمران خان يوٽرن کي پنهنجي سياست جو معراج سمجهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف وردي نه لاهي ها ته ڇا نواز شريف ڏيهه واپس اچي سگهي ها، نواز شريف جي واپسي جو ڪريڊٽ بينظير ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون