تازه ترين

وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺاھہ جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ اسيمبلي سنڌوءَ مان چولستان سميت ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت کي غيرقانوني قرار ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پيش ڪيل ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو.

سنڌ حڪومت چولستان ڪئنال ۽ ٻين نون ڪينالن واري منصوبن کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن تي ڌاڙو قبول نه ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته نون ڪينالن جو منصوبو سنڌ جو پاڻي وارو حق کسڻ جي ڪوشش آهي، 1991ع واري پاڻي معاهدي تي مڪمل عمل ڪيو وڃي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي کي وفاق ۽ ارسا معاهدي موجب پاڻي جي ورڇ يقيني بڻائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته نون ڪينالن واري منصوبي سان سنڌ ۾ ماحولياتي بحران جو خدشو آهي.

هن ٺهراءَ ۾ موقف اختيار ڪيو ته پاڻي جي کوٽ سان زرعي پيداوار، معيشيت ۽ عوام جي روزاني جي زندگي متاثر ٿيندي، سنڌو درياهه جي پاڻي جو حق کسڻ تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته چولستان ڪئنال سميت ٻين ڪئنالن جي اڏاوت ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، عوام جي حقن جو هر سطح تي دفاع ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ بابت فوري ڳالهيون ڪيون وڃن.

هن چيو ته پاڻي جي وسيلن تي غير منصفاڻو ڪنٽرول منظور ناهي، ڪنهن به غيرقانوني پاڻي جي ورڇ خلاف عوامي مزاحمت ڪئي ويندي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي پاڻي جي حقن تي سوديبازي نه ڪندو، سنڌ جي پاڻي جي حقن کسڻ جي هر ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
14 %
2.2kmh
30 %
اربع
19 °
خميس
20 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون