تازه ترين

وڪيلن رستا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، بندرگاهه بند ڪيون ته ڪئنال نه ٺهندا: ذوالفقار جونيئر

- Advertisement -
پ پ شهيد ڀٽو جي باني شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو ته هو بندرگاهه بند ڪندا، وڪيلن رستا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، بندرگاهه بند ڪيا ويا ته ڪئنال نه ٺهندا. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته 8 مهينن کان ڪئنالن خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي، گرمي باوجود سنڌ جو عوام ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي. هن چيو ته 26 اپريل تي هو دادو مورو پل، 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ سڀاڻي 16 اپريل تي نصيرآباد ۾ به ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندا، احتجاج جو سلسلو جاري رهندو. سندس چوڻ هو ته ڪئنال نه ٺهندا، جيئن ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد ڪري ختم ڪيو ويو، ساڳي ئي نموني اسين 6 ڪئنالن جي خلاف جدوجهد ڪئي ويندي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جو چوڻ هو ته وڪيلن پنجاب ويندڙ روڊ ۽ ريلوي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر جيڪڏهن بندرگاهه کي بند ڪيون ته ڪئنال نه ٺهندا، جيڪڏهن هو پاڻي کي روڪيندا ته اسان بندرگاهه بند ڪنداسين. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ضرور حصو وٺندو، شهيد ڀٽو جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پاڻ سان کڻي هلندو، پر في الحال ڪا پڪ ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ سياست تمام ڏکي آهيم پر هو پنهنجي وڏن ۽ وڪيلن خاص طور پنهنجي نوجوانن کان سکي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام ملڪ جي موجوده سياسي نظام کان تنگ اچي چڪو آهن، هنن 20 سالن کان اميرن جي سياست ڏٺي آهي ته ڪڏهن پ پ ۽ ڪڏهن مسلم ليگ ن اقتدار ۾ آهن، پر ڪنهن به پارٽي عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو. ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته ڪئنالن کانسواءِ پاڻي ورهائڻ جا ٻيا به طريقيڪار آهن، سنڌ جو عوام پاڻي واري معاملي تي پريشانيءَ ۾ مبتلا آهي. هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ کي اسيمبليءَ مان ڪئنالن واري معاملي تي ٺهراءُ پاس ڪرائي، ن ليگ ۽ ٻيون جماعتون توڙي مخالف ڌر کي ڪئنالن واري معاملا کي اٿارڻ گهرجي، شهيد ڀٽو، جيئي سنڌ، ايس يو پي، جي ڊي اي يا پي ٽي آءِ سميت سڀ پارٽيون ڪئنالن جي خلاف آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون