وڪيلن سان گڏجي معاشري ۾ برابري واري قانون جي حڪمراني لاءِ ڪم ڪندا : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو وڪيلن سان گڏجي معاشري ۾ برابري واري قانون جي حڪمراني لاءِ ڪم ڪندا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رياست علي آزاد سميت ٻين نوَن عهديدارن کي واڌايون ڏنيون آهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن، ملتان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نوَن چونڊيل ميمبرن کي واڌايون ڏنيون. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته بار ايسوسيئيشنز آئين جي حڪمراني ۽ انصاف جي اصولن جو علم بلند رکن ٿيون. هن چيو ته پيپلزپارٽي 1973ع جي آئين جي خالق آهي ۽ ملڪ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي هميشه وڪيل برادري سان سٺا لاڳاپا رکيا آهن جنهن سان جمهوريت مضبوط ٿي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون