- Advertisement -
وڳڻ ۾ نوجوان ڀيڻ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.
صالح پور جي رهواسي الحمدالله چانڊيو پنهنجي ڀيڻ کي گولي هڻڻ قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ مٿان به پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو.
اطلاع تي حد جي پوليس پهچي ٻئي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
نوجوان ۽ ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته الحمد چانڊيو پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو، اها ئي گولي ڪراس ٿي ڪري ناري کي لڳي جنهن سبب سندس موت واقع ٿيو.
ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون.- Advertisement -
