- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته يروشلم پوسٽ جو انڪشاف افسوس جوڳو عمل آهي، تحريڪ انصاف باني جون ڪڙيون سامهون اچي رهيون آهن، اسرائيل کلي عام پي ٽي آءِ باني جي حمايت ڪري رهيو آهي، لنڊن جي ميئر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ باني پاڪستان ڄائي اميدوار خلاف مهم هلائي، اسرائيل مسلمانن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.
اسرائيلي اخبار ۾ ڇپيل آرٽيڪل تي رد عمل ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسرائيل تحريڪ انصاف باني جي حمايت ڪري رهيو آهي، اسرائيل چئي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني اقتدار ۾ هوندو ته فائدو ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسرائيل سمجهي ٿو ته تحريڪ انصاف باني ان لاءِ بهتر آهي ته قوم کي سمجهڻ گهرجي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تحريڪ انصاف باني بابت يروشلم پوسٽ جو انڪشاف افسوسناڪ آهي، لنڊن ميئر جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ باني پاڪستاني ڄائي شهري خلاف مهم هلائي، تحريڪ انصاف باني جا اسرائيل سان لاڳاپا سامهون اچي رهيا آهن، اسرائيل مسلمانن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي.- Advertisement -
