- Advertisement -
يورپي ملڪن بھ پنهنجن شهرين کي ايران ايران ڇڏڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي.
آمريڪا کانپوءِ اسپين، پولينڊ ۽ اٽلي پنهنجن شهرين کي ايران ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري ھڪدم ايران ڇڏڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
اٽلي جي پرڏيهي وزارت موجب، ايران ۾ لڳ ڀڳ 600 اطالوي شهري آهن، جن مان گهڻا تهران ۾ رهن ٿا.
بيان ۾ شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
پولش پرڏيهي وزارت سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پڻ پنهنجي شهرين کي چيو آهي ته اهي ايران مان فوري طور تي نڪرڻ کي يقيني بڻائين.
ميڊيا رپورٽن موجب، برطانيه پنهنجي سفارتي عملي کي ايران مان ڪڍي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايران ۾ برطانوي سفير کي به واپس گهرايو ويو آهي.
جرمني پنهنجن جهازن کي ايراني هوائي حدون استعمال نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي………
- Advertisement -
