يورپي پارليامينٽ جي چونڊن ۾ نهايت کاٻي ڌر جي پارٽين ميدان ماري ورتو.
720 رڪني يورپي پارليامينٽ جي چونڊن جا ڊرامائي نتيجا سامهون آيا آهن.
يورپي يونين جي 27 رڪن ملڪن ۾ ٿيندڙ چونڊن جي ايگزٽ پولز موجب جرمني ۽ فرانس سميت گهڻي قدر ملڪن ۾ نهايت کاٻي ڌر جي پارٽين جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن ۽ روايتي اسٽيبلشمينٽ جو صفايو ٿي ويو آهي.
شروعاتي ڪاٿي موجب گرين ۽ لبرل روينيو پارٽيون 20، 20 سيٽون وڃائي ويهنديون جنهن سان يورپي قانون ڪمزور ٿيڻ جو خطرو آهي.