تازه ترين

يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ  50 ۽ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ٿيڻ گهرجي:سردار شاهه

تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ مارڪن وارو شرط ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ  50 ۽ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ٿيڻ گهرجي، معيار تي پورو لهڻ باوجود شاگردن کي مارڪن جي پويان ڇو ڊوڙايو پيو وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته امتحانن بابت تمام گهڻيون شڪايتون آهن، ڪا ٿرڊ پارٽي ناهي، امتحان وٺندڙ ۽ چيڪ ڪندڙ ساڳيا ئي ماڻهو آهن.

هن چيو ته تعليم فراهم ڪرڻ صوبن جو ڪم آهي، وفاقي حڪومت اسڪولن جي بحالي لاءِ 5 ارب رپيا ڏنا آهن، تعليم جو شعبو تيزي سان وڌي رهيو آهي، هر سال 16 لک ٻار پيدا ٿي رهيا آهن، ايترا ڪلاس روم هو ڪٿان آڻيندا.

سندس چوڻ هو ته وفاق کي عملي طور سهڪار ڪرڻ گهرجي، ٻارڙن کي اسڪول آڻڻ وڏو چئلينج آهي، جنهن جو بنيادي سبب غربت آهي.

صوبائي وزير چيو ته اسڪول کان ٻاهر 7 لک ٻارن تي 367 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، ٻارڙن کي ٽيڪنيڪل تعليم پڻ ڏني پئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته امتحاني نظام بابت گهڻيون شڪايتون آهن، فيڊرل بورڊ سسٽم کي بهتر بڻائي ڇڏيو آهي، يونيورسٽين ۾ پرسنٽيج جو نظام ختم ٿيڻ گهرجي، ان ڊوڙ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.

ان کان اڳ ڪراچي جي دائود يونيورسٽي ۾ انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشنل ڪميشن پاران ڪوٺايل آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته هتي چيو ويندو آهي ته ملڪ جي تعليم بهتر ناهي، ساڳيو ٻار ٻاهر وڃي ڪارناما ڏيکاريندو آهي، ادارن کي هلائڻ لاءِ سنجيدگي جي ضرورت آهي، پاڻمرادو شين کي بهتر بڻائڻو پوندو.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته هر صوبي جي پنهنجي تاريخ ۽ ٻولي آهي، ان نظام کي ڪرڪيولم مارشل لا سمجهون ٿا، ڪنهن تي ڪا شيءِ مسلط نه گهرجي، چئن سبجيڪٽن ۾ شيون ٺاهي ڏنيون وڃن ته جيئن اهي نصاب ۾ شامل ڪيون وڃن.

سردار شاهه چيو ته دنيا جي ترقي يافته ٻولين کي سکڻ خراب ڳالهه ناهي پر ان چڪر ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه نٿو وساري سگهجي.

هن چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن لاءِ حصو ڏنو وڃي، گئس، تيل ۽ معدنيات ڏيون ٿا ان حساب سان سنڌ کي حصو نٿو ڏنو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
9.9 ° C
9.9 °
9.9 °
20 %
2.3kmh
99 %
خميس
10 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون