يوٽيليٽي اسٽورن جي سبسڊي ختم ٿيڻ بعد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رجسٽرڊ ماڻھن لاءِ کنڊ ۽ گيھھ مھانگو ٿي ويو آھي.
يوٽيليٽي اسٽورن تي کنڊ 30 رپيا ۽ گيھھ 50رپيا في ڪلو مھانگو ڪيو ويو.
يوٽيليٽي اسٽورن تي سبسڊي ختم ٿيڻ بعد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت فائدو حاصل ڪندڙ مستحقن لاءِ کنڊ ۽ گيھھ مھانگو ٿي ويو. وزيراعظم آزادي پيڪيج 11 آگسٽ کان شروع ٿيندو، آزادي پيڪيج جي تحت 10 ڪلو اٽو 648 رپيا ملي سگھندو، جڏھن تھ چانور ۽ دالن تي 25 رپيا رعايت ھوندي.