- Advertisement -
يوڪريني صدر ولاديمير زيلنسڪي جي چيف آف اسٽاف ڪرپشن جي الزامن لڳڻ کانپوءِ عهدي تان استعيفى ڏئي ڇڏي.
يوڪريني صدر زيلنسڪي تصديق ڪئي ته سندس چيف آف اسٽاف اينڊري يرمڪ بدعنواني اسڪينڊل سامهون اچڻ کانپوءِ استعيفى ڏني آهي.
پرڏيهي خابرو اينجسي موجب يوڪرين جي ڪرپشن جي روڪٿام واري اداري جمعي ڏينهن روز اينڊري يرمڪ جي گهر تي ڇاپو پڻ هنيو هو.
ٻئي پاسي روز اينڊري يرمڪ جو چوڻ آهي ته هو جاچ اداري سان مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي.
واضع رهي ته يوڪريني صدر يرمڪ کي روس سان جنگ بندي معاملي تي امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهين جي ذميواري به ڏني هئي……….
- Advertisement -
