تازه ترين

يوڪرين ماسڪو تي 6 ڊرون حملا ڪيا جن کي ناڪام بڻايو روس جي دعويٰ

روس دعويٰ ڪئي آھي تھ يوڪرين ماسڪو تي 6 ڊرون حملا ڪيا جن کي ناڪام بڻايو ويو آھي.

روس جي بچاءَ واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تھ اربع جي رات يوڪرين جي طرفان دھشتگرداڻا حمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انھن کي ناڪام بڻايو.

ميڊيا جي رپورٽس موجب انھن حملن ۾ ڪنھن قسم جي جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناھي مليو.

ٻئي طرفان يوڪرين طرفان مبينا حملي تي ڪو بھ تبصرو نھ ڪيو ۽ نھ ڪئي بيان جاري ڪيو ويو آھي.

ان کان اڳ روس طرفان يوڪرين تي اڱاري جي ڏينھن ماسڪو تي ٽي ڊرون حملا ڪرڻ جو الزام ھنيو جنھن تي يوڪرين جي صدارتي صلاحڪار رد عمل ۾ چيو ھو تھ اھي حملي ان ڳالھھ جي علامت آھن تھ روسي گادي واري شھر جنگ جو عادي ٿيندو پيو وڃي . يوڪرين جي ھوائي فوج ٻڌايو تھ ڪيف ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ رات ۾ ٽن ڪلاڪن تائين ھوائي حملن جو الرٽ دوران 20 کان وڌيڪ روسي ڊورنز کي تباھھ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون