اڳوڻي وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته يو اين او دنيا جو سڀ کان وڏو ڊيبيٽنگ ڪلب آهي، جيڪو انساني حقن کي لاڳو ڪرڻ ۽ شهرين کي تحفظ ڏيڻ کان لاچار آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ن ليگ جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيل پاران بيگناهه فلسطينين جي قتل عام کي هڪ مهينو گذري چڪو آهي، دنيا انسانيت جي امتحان ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته مسلم دنيا کي اڳتي وڌڻ لاءِ جامع گهرائي سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.
اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عالمي نظام اهڙي ناانصافي جي موجودگي ۾ پاڻ کي برقرار نٿو رکي سگهي.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته عالمي نظام انساني زندگين جي کليل بي توقيري کي نظر انداز ڪرڻ سان پاڻ کي قائم نٿو رکي سگهي………..