ٺاروشاهه ۾ مزاحمتي شاعر مرحوم ڪليم سولنگي جي نياڻي سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آھي تھ گرفتار جوابدار ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪري ورتو.
مزاحمتي شاعر مرحوم ڪليم سولنگي جي نياڻي سان ڏاڍائي جي خبر سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي نوشهروفيروز پاران نوٽيس وٺڻ بعد پوليس جوابدار ستار سولنگي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ٻارڙيءَ سان جنسي ڏاڍائي جو ڪيس سندس ناني پٺاڻ خان سولنگي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ستار سولنگي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.