ٺارو شاهه ويجهو نينگريءَ سان مبينا طور جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي.
ڳوٺ ٺٽ سولنگي واسڻ 11 ورهين جي نينگري سان ڦٽيون ميڙڻ وئي هئي.
نوجوان ستار سولنگي نينگريءَ کي مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو.
نينگري نيم بيهوش جي حالت ۾ هٿ ۽ جوابدار فرار ٿي ويو.
وارثن متاثر نينگري کي کڻي انصاف لاءِ پريس ڪلب پهچي ويا.
وارثن محمود سولنگي، ساجده سولنگي، زڪيا سولنگي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي ٻاهران زمين مان ڦٽين ميڙڻ دوران نينگري سان ڳوٺ جي اوباش نوجوان ستار سولنگي جنسي ڏاڍائي ڪئي.
هنن چيو ته نينگري جي رڙين تي هو پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو ۽ نينگري کي بيهوشي جي حالت ۾ ٿاڻي کڻي پهتا جتي پوليس ڪچو ڪيس داخل ڪيو آھي پر جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي.
هنن چيو ته فوري طور جوابدار کي گرفتار ڪري ميڊيڪل ليٽر ڏئي نينگريءَ جو علاج ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو……..